ڪراچي- 22 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته اوورسيز پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو ۽ قومي معيشت جو مضبوط بنياد آهن. پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني نه فقط ناڻو موڪلي ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪن ٿا پر عالمي سطح تي پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ اجاڳر ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. انهن خيالن جو اظهار هن چيئرمين اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن (او …
اوورسيز پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو ۽ قومي معيشت جو مضبوط بنياد آهن: سيد محمد نهال هاشمي
ڪراچي- 22 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته اوورسيز پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو ۽ قومي معيشت جو مضبوط بنياد آهن. پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني نه فقط ناڻو موڪلي ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪن ٿا پر عالمي سطح تي پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ اجاڳر ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. انهن خيالن جو اظهار هن چيئرمين اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن (او پي ايف) سيد قمر رضا سان ملاقات دوران ڪيو. گورنر هائوس ڪراچي مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي ڀلائي،کين درپيش مسئلن، سيڙپڪاري کي زور وٺائڻ ۽ خدمتن جي فراهمي بابت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي خاص غور ڪيو ويو ته اوورسيز پاڪستانين لاءِ اداراجاتي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي، انهن جي مسئلن جي حل لاءِ اثرائتو ۽ تيز رفتار نظام جوڙيو وڃي ۽ وطن عزيز ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي آسان، محفوظ ۽ اعتماد جوڳو بڻايو وڃي. گورنر چيو ته اهو هجڻ گهرجي ته اوورسيز پاڪستانين کي پنهنجي وطن سان مضبوط ۽ موثر رابطو فراهم ڪيو وڃي، سندن مسئلن جي حل لاءِ سهولت تي ٻڌل نظام متعارف ڪرايو وڃي ۽ سيڙپڪاري جي عمل ۾ موجود رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سڄي پاڪستان ۾ سيڙپاڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. اوورسيز پاڪستانين جي فعال شموليت سان نه فقط معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو پر روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا ۽ ملڪي ترقي جي رفتار وڌيڪ تيز ٿيندي. چيئرمين اوورسيز فائونڊيشن سيد قمر رضا پاران اوورسيز پاڪستانين جي سهولت ۽ ڀلائي لاءِ جاري قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي وڌيڪ بهتر خدمتن جي فراهمي لاءِ سڀ دستياب وسيلا ڪتب آندا ويندا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي فوري حل، لاڳاپيل ادارن وچ ۾ اثرائتي رابطاڪاري، سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ ۽ گڏيل سهڪار جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ گڏيل قدم جاري رکيا ويندا.











