لاڙڪاڻو پوليس جون مختلف علائقن ۾ ڪارروايون، 11 ڏوهاري گرفتار

لاڙڪاڻو- 22 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 11 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ساڍا 5 ڪلو چرس ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب رتوديرو پوليس قتل ڪيس ۾ صدرالدين بوزدار، فتح محمد بوزدار کي پستول، ڏوڪري پوليس حسن واهڻ لاڙي وٽان ٽن عورتن قمرالنساءَ ابڙو، مسڪان ابڙو، زارا ابڙو کي …

لاڙڪاڻو- 22 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 11 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ساڍا 5 ڪلو چرس ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب رتوديرو پوليس قتل ڪيس ۾ صدرالدين بوزدار، فتح محمد بوزدار کي پستول، ڏوڪري پوليس حسن واهڻ لاڙي وٽان ٽن عورتن قمرالنساءَ ابڙو، مسڪان ابڙو، زارا ابڙو کي ٽي ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. مارڪٽ پوليس برڪت چانڊيو کي هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو، باڊهه پوليس منشيات فروش حيدر عرف سڪندر خاصخيلي کي هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو، ڌامراهه پوليس امام گوپانگ کي بغير لائسنس پسٽل، شاهد بليدي کي اڌ ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو، وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس روپوش جوابدار ضمير جکراڻي، حيدري پوليس فهد قريشي کي گرفتار ڪري ورتو.