لاهور- 22 جون (اي پي پي) پي ڊي ايم اي، زلزلي بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، پنجاب ۾ جاني يا مالي نقصان ناهي ٿيو. ترجمان مطابق سومر ڏينهن صوبائي گادي واري شهر لاهور سميت راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، ميانوالي، ملتان، پوٺوهار خطي ۽ پنجاب جي ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.4 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز هندوڪش ريجن هو. …
پي ڊي ايم اي پاران زلزلي بابت رپورٽ جاري، پنجاب ۾ زلزلي سبب ڪو جاني يا مالي نقصان نه ٿيو: ترجمان
لاهور- 22 جون (اي پي پي) پي ڊي ايم اي، زلزلي بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، پنجاب ۾ جاني يا مالي نقصان ناهي ٿيو. ترجمان مطابق سومر ڏينهن صوبائي گادي واري شهر لاهور سميت راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، ميانوالي، ملتان، پوٺوهار خطي ۽ پنجاب جي ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.4 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز هندوڪش ريجن هو. زلزلي جي اونهائي 215 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. ترجمان مطابق لاڳاپيل انتظاميه عمارتن جي چيڪنگ ۾ مصروف آهي. پي ڊي ايم اي جي صوبائي ڪنٽرول روم سميت سڄي پنجاب جي ضلعي ايمرجنسي آپريشن سينٽرز 24 ڪلاڪ فعال آهن. زلزلي سبب نقصانن جو اطلاع پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائن 1129 تي ڏئي سگهجي ٿي.












