لاڙڪاڻو- 22 جون (اي پي پي) پاڪستان ايئر فورس ۾ سويلين طور شموليت لاءِ آن لائين رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا 28 جون 2026ع تائين جاري رهندي. ميڊيڪل برانچ ۾ ميڊيڪل اسسٽنٽ طور ڀرتيءَ لاءِ 18 کان 25 سالن جي عمر وارا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون درخواستون ڏئي سگهن ٿا. مئٽرڪ سان گڏوگڏ نرسنگ يا ڪنهن ٻئي پئرا ميڊيڪل سب ٽريڊ ۾ ڊپلومه جي ڊگري رکندڙ هجن. ڊرائيورن لاءِ 18 …
پاڪستان ايئر فورس ۾ سويلين طور شموليت لاءِ آن لائين رجسٽريشن شروع ڪئي وئي: پڌرائي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 22 جون (اي پي پي) پاڪستان ايئر فورس ۾ سويلين طور شموليت لاءِ آن لائين رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا 28 جون 2026ع تائين جاري رهندي. ميڊيڪل برانچ ۾ ميڊيڪل اسسٽنٽ طور ڀرتيءَ لاءِ 18 کان 25 سالن جي عمر وارا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون درخواستون ڏئي سگهن ٿا. مئٽرڪ سان گڏوگڏ نرسنگ يا ڪنهن ٻئي پئرا ميڊيڪل سب ٽريڊ ۾ ڊپلومه جي ڊگري رکندڙ هجن. ڊرائيورن لاءِ 18 کان 30 سال عمر وارا مرد اپلاءِ ڪري سگهن ٿا. کين ڊرائيونگ ٽيسٽ پاس ڪرڻي پوندي، مقامي ۽ انگريزي ٻولي جي ڄاڻ رکندڙ کي ترجيح ڏني ويندي. بورچي جي ڀرتيءَ لاءِ 18 کان 30 سالن جي عمر وارا مرد درخواستون ڏئي سگهن ٿا، کين کاڌي پچائڻ جي مهارت هجڻ گهرجي. خواهشمند نوجوان پاڪستان ايئر فورس جي ويب سائيٽ www.joinpak.gov.pk تي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائن. وڌيڪ تفصيلن لاءِ پاڪ ايئر فورس جي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سينٽرن سان رابطو ڪري سگهي ٿو.











