سنڌ حڪومت جي ترجمان سُکديو هيمناڻي جو جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل

ڪراچي- 22 جون (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي ترجمان سُکديو هيمناڻي، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سندس تنقيد حقيقتن بدران سياسي مايوسي تي ٻڌل آهي. هڪ بيان ۾ سُکديو هيمناڻي چيو ته سنڌ جو عوام هر چونڊ ۾ وڏي اڪثريت سان پاڪستان پيپلز پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته ڪوڙ، پروپيگنڊا ۽ ڪردارڪشي جي …

ڪراچي- 22 جون (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي ترجمان سُکديو هيمناڻي، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سندس تنقيد حقيقتن بدران سياسي مايوسي تي ٻڌل آهي. هڪ بيان ۾ سُکديو هيمناڻي چيو ته سنڌ جو عوام هر چونڊ ۾ وڏي اڪثريت سان پاڪستان پيپلز پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته ڪوڙ، پروپيگنڊا ۽ ڪردارڪشي جي سياست سنڌ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي آهي. هن چيو ته عوام نعريبازي بدران ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏي ٿو، جنهن سبب پيپلز پارٽي مسلسل سنڌ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت رهي آهي. سندس چوڻ هو ته صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جيڪي ترقياتي قدم کنيا آهن، انهن جو مثال ملڪ جي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ نٿو ملي. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي، گمبٽ انسٽيٽيوٽ، سائبر نائف ۽ جديد سرڪاري اسپتال اڄ سڄي پاڪستان مان ايندڙ مريضن کي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت هارين، آبادگارن ۽ زرعي مزدورن جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کنيا آهن ۽ بينظير هاري ڪارڊ ذريعي لکين هارين کي سڌي ريت سهولتون ۽ امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن عورت زرعي مزدورن جي حقن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي تنقيد ته گهڻي ڪري ٿي، پر سنڌ جي عوام لاءِ پنهنجي ڪا وڏي عوامي خدمت بيان نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته حافظ نعيم الرحمان جي سياست جو محور صرف الزام تراشي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي سياست عوامي خدمت ۽ ترقي تي ٻڌل آهي. هن وڌيڪ چيو ته حافظ نعيم الرحمان کي روزانو پريس ڪانفرنس ڪرڻ بدران پنهنجي جماعت جي سنڌ ۾ سياسي حيثيت تي غور ڪرڻ گهرجي، ڇو ته عوامي مينڊيٽ صرف بيانن سان نه پر عوامي خدمت سان حاصل ٿيندو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو عوام سان تعلق ووٽ، خدمت ۽ اعتماد جو رشتو آهي، جنهن کي ڪا به پروپيگنڊا ڪمزور نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام بار بار ثابت ڪيو آهي ته اهي نفرت ۽ انتشار بدران خدمت، ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي سياست سان گڏ بيٺل آهن.