سوئٽزرلينڊ پاران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين بابت پاڪستان ۽قطر طرفان جاري گڏيل پڌرائي جي آجيان

برن- 22 جون (اي پي پي) سوئٽزرلينڊ، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن پاڪستان ۽ قطر طرفان 22 جون تي جاري ڪيل گڏيل پڌرائي جي آجيان ڪئي آهي. بي بي سي مطابق سوئس حڪومت طرفان جاري بيان ۾ خاص طور تي هن ڳالهه جي آجيان ڪئي وئي آهي ته ڌرين 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي تي پهچڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو آهي. …

برن- 22 جون (اي پي پي) سوئٽزرلينڊ، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن پاڪستان ۽ قطر طرفان 22 جون تي جاري ڪيل گڏيل پڌرائي جي آجيان ڪئي آهي. بي بي سي مطابق سوئس حڪومت طرفان جاري بيان ۾ خاص طور تي هن ڳالهه جي آجيان ڪئي وئي آهي ته ڌرين 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي تي پهچڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو روڊ ميپ نئين فني ڳالهين جي فوري شروعات لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ 21 ۽ 22 جون جي رات برگن اسٽاڪ ۾ جاري رهندڙ انتهائي اهم سفارتي ڳالهين دوران ٿيل تعميري اڳڀرائي حوصله افزائي ڪندڙ آهي. سوئس حڪومت پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڌرين طرفان مفاهمتي يادداشت جي بنياد تي اعليٰ سطحي ڪميٽي جي قيام جو فيصلو هڪ هاڪاري قدم آهي، جيڪو سياسي ۽ فني عمل جي ايندڙ مرحلي کي منظم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. سوئس حڪومت ان عمل ۾ پنهنجي سفارتڪاري تحت سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ان جي ڪوشش آهي ته سفارتي قدم ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، استحڪام ۽ پائيدار امن جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.