ميروخان شهر ۾ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

لاڙڪاڻو-21 جون (اي پي پي) ميرو خان شهر ۾ مبينا تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ نوجوان سعيد احمد سومرو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو. ٽائون ڪميٽي ميرو خان جي چيئرمين لياقت علي ابڙو جي پٽ اسامه ابڙو نوجوان سعيد احمد سومرو کي مبينا طور تيز رفتار ڪار جو ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت …

لاڙڪاڻو-21 جون (اي پي پي) ميرو خان شهر ۾ مبينا تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ نوجوان سعيد احمد سومرو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو. ٽائون ڪميٽي ميرو خان جي چيئرمين لياقت علي ابڙو جي پٽ اسامه ابڙو نوجوان سعيد احمد سومرو کي مبينا طور تيز رفتار ڪار جو ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته اهڙي دل ڏاريندڙ واقعي کان پوءِ ميرو خان شهر ۾ ڏک، غم ۽ مايوسي واري لهر ڇانئجي وئي. ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

مزید خبریں