ايران پاران لبنان تي اسرائيلي حملن جي مذمت

بيروت-20 جون (اي پي پي) ايران لبنان جي مختلف علائقن تي اسرائيلي فوج جي ڪارروائين جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل جون اهي پاليسيون علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي لبنان جي مختلف حصن تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته انهن حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي لبناني شهري فوت ۽ زخمي ٿيا آهن، …

بيروت-20 جون (اي پي پي) ايران لبنان جي مختلف علائقن تي اسرائيلي فوج جي ڪارروائين جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل جون اهي پاليسيون علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي لبنان جي مختلف حصن تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته انهن حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي لبناني شهري فوت ۽ زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ملڪ جي بنيادي ڍانچي کي به شديد نقصان پهتو آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته قابض ۽ نسل ڪش صيهوني حڪومت طرفان ڇڪتاڻ ۾ مسلسل اضافي جا علائقي امن ۽ سلامتي تي نهايت سنگين اثر مرتب ٿيندا.

مزید خبریں