طرابلس-20 جون (اي پي پي) ليبيا جي سامونڊي ڪناري ويجهو ڪيترين پناهگيرن کي يورپ کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا جن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 40 ڄڻا اڃا تائين گم آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اتر ليبيا ۾ پناهگيرن جي چرپر تي نظر رکندڙ ابرين گروپ ٻڌايو آهي ته حادثي ۾ 10 ڄڻا زنده بچي ويا آهن، اهو حادثو رومي سمنڊ …
ليبيا ۾ غيرقانوني پناهگيرن جي ٻيڙي کي حادثو، 11 لاش ڪڍيا ويا، 40 ڄڻا گم

مزید خبریں
طرابلس-20 جون (اي پي پي) ليبيا جي سامونڊي ڪناري ويجهو ڪيترين پناهگيرن کي يورپ کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا جن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 40 ڄڻا اڃا تائين گم آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اتر ليبيا ۾ پناهگيرن جي چرپر تي نظر رکندڙ ابرين گروپ ٻڌايو آهي ته حادثي ۾ 10 ڄڻا زنده بچي ويا آهن، اهو حادثو رومي سمنڊ ۾ اتر آفريقي ملڪ جي اترئين حصي ويجهو پيش آيو. اتر شهر طبرق ۾ ليبيا جي سامونڊي محافظ جٿي ۽ هلال احمر اطلاع ڏنو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران لاش لڙهي سمنڊ ڪناري ويجهو اچڻ شروع ٿي ويا آهن. سامونڊي محافظن هڪ ويڊيو به جاري ڪئي جنهن ۾ امدادي ٽيمن کي اڇي ڪفن نما ٿيلهن ۾ لاش سمنڊ ڪناري تي لاهيندي ڏٺو ويو.











