خيبر پختونخوا جي گورنر پاران بنون جي علائقي مرڪه بيرا ۾ ڌماڪن جي مذمت

پشاور - 20 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران بنون جي علائقي مرڪه بيرا ۾ ڌماڪن جي شديد مذمت ڪئي وئي آهي. گورنر جي پبلڪ رليشنز آفيسر پاران جاري بيان موجب  ڌماڪن ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻو ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، ڌماڪا صوبي جي امن …

پشاور – 20 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران بنون جي علائقي مرڪه بيرا ۾ ڌماڪن جي شديد مذمت ڪئي وئي آهي. گورنر جي پبلڪ رليشنز آفيسر پاران جاري بيان موجب  ڌماڪن ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻو ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، ڌماڪا صوبي جي امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهن. گورنر  متاثر خاندان سان دلي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته ڌماڪن ۾ ملوث عنصرن کي جلد قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو، ڪي پي ڪي جي عوام دهشتگردي خلاف بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته امن امان جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

مزید خبریں