برسلز-19 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته سرحد پار دريائن تي هڪ طرفه قدم علائقائي استحڪام لاءِ خطرو آهن، پاڪستان پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪندو، سنڌ طاس معاهدو دنيا جو مضبوط ترين معاهدو آهي، سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل نٿو ڪري سگهجي. ٻوڏ ۽ …
پاڻيءَ کي هٿيار بڻائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪنداسين، سنڌ طاس معاهدو معطل نٿو ڪري سگهجي: مصدق ملڪ
برسلز-19 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته سرحد پار دريائن تي هڪ طرفه قدم علائقائي استحڪام لاءِ خطرو آهن، پاڪستان پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪندو، سنڌ طاس معاهدو دنيا جو مضبوط ترين معاهدو آهي، سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل نٿو ڪري سگهجي. ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ اسان کي ماڻهن جي تربيت ڪرڻي پوندي. موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن برسلز ۾ سرحد پار آبي وسيلن بابت سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته مسئلو صرف پاڻيءَ جو ناهي پر انصاف جو آهي، پاڻي صرف هڪ قدتي وسيلو نه پر ڪروڙين انسانن جي روزگار، خوراڪ ۽ بقا جو معاملو آهي، پاڻيءَ جو مسئلو زراعت، معيشت ۽ قومي سلامتيءَ سان سڌيءَ ريت جڙيل آهي. هن چيو ته پاڪستان کي هاڻوڪن سالن ۾ بدترين ٻوڏن جو مُنهن ڏسڻو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو متاثر ٿيا. گذريل 15 سالن دوران موسمياتي تباهه ڪارين سبب 6 هزار ماڻهو فوت، 19 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جڏهن ته 1.8 بلين تعليمي ڏينهن ضايع ٿيا. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته دنيا جي صرف ٽي ملڪ 57 سيڪڙو جڏهن ته 10 ملڪ 70 سيڪڙو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪن ٿا ۽ اهي ئي ملڪ عالمي گرين فنانسنگ جو تقريبن 80 سيڪڙو حصو به حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪاربن خارج ڪرڻ سبب عالمي حدت ۾ واڌارو ٿئي ٿو، جنهن سان گليشيئر پگهرجن ٿا ۽ نتيجي ۾ ٻوڏ ۽ قدرتي آفتون جنم وٺن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان عالمي ڪاربان خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهي ٿو، جڏهن ته موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان سنگين خطرن کي مُنهن ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان ان مسئلي ۾ اڪيلو ناهي، بنگلاديش سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آبادگار ۽ ماهيگير موجود آهن جيڪي پاڻيءَ تي اختيار نه هئڻ سبب مشڪلاتن جو شڪار آهن. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهو پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ جا اثر ڀوڳي رهيا آهن، هي صرف پاڪستان جو مسئلو ناهي پر عالمي انصاف جو معاملو آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي قبول نٿو ڪري. هن جو چوڻ هو ته پاڻي جي قدرتي وهڪرن کي روڪڻ يا ان ۾ مداخلت ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش پاڪستان ويجهو جنگي قدمن برابر هوندي. وفاقي وزير چيو ته سنڌ طاس معاهدو دنيا جي مضبوط ترين معاهدن مان هڪ آهي ۽ ان کي هڪ طرفي طور معطل نٿو ڪري سگهجي. سندس موجب هي صرف پاڻيءَ جي ورهاست جو معاهدو ناهي پر عالمي قانونن، عالمي معاهدن جي احترام ۽ گڏيل اعتماد جو بنياد آهي. هن خبردار ڪيو ته پاڻيءَ جي وهڪري ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ پاڪستان جي خوراڪ، سلامتي، معيشت ۽ لکين خاندانن جي روزگار تي سڌيءَ ريت اثرانداز ٿيندو. مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان جي تقريبن 40 سيڪڙو آبادي جو روزگار زرعي شعبي سان واڳيل آهي، سرحد پار درياهن تي هڪ طرفه قدم علائقائي استحڪام لاءِ خطرو آهن. هن زور ڀريو ته عالمي معاهدن کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ قاعدن تي ٻَڌل عالمي نظام کي ڪمزور ڪري ٿو جڏهن ته قدرتي وسيلن کي هٿيار بڻائڻ ماحوليات، موسمياتي نظام ۽ عالمي استحڪام لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. وفاقي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان ڀارت جي عوام خلاف نه پر انصاف، امن ۽ عالمي قانونن جي بالادستيءَ جو حامي آهي. هن چيو ته ڀارت جو عوام به موسمياتي تبديلين جي اثرن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان جنگ نه پر امن، ڳالهين ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي آبي حقن جي تحفظ لاءِ هر قانوني، سفارتي ۽ عالمي فورم تي آواز اُٿاريندو رهندو. سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي، پاڻي ۽ ماحوليات کان جڙيل عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون اڻٽر آهي ۽ پاڪستان گڏيل آبي وسيلن جي منصفاڻي استعمال، موسمياتي انصاف ۽ عالمي قانونن جي بالادستيءَ جو مضبوط حامي آهي.











