نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 18 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب مصري پرڏيهي وزير آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحن جي حوالي سان پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. …

اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب مصري پرڏيهي وزير آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحن جي حوالي سان پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. هن خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان اڳڀرائي کي عالمي اقتصادي صورتحال جي لاءِ پڻ مثبت قرار ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ايندڙ ڏينهن ۾ مصر جي شهر العلمين ۾ منعقد ٿيندڙ علائقائي چار (آر – 4) پرڏيهي وزيرن واري اجلاس (پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر) جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں