وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ترڪ سفير جي ملاقات

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان خميس ڏينهن پاڪستان ۾ مقرر ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن، مسلم دنيا کي درپيش چئلينجز، بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ سميت مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ترڪيه جي مذهبي …

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان خميس ڏينهن پاڪستان ۾ مقرر ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن، مسلم دنيا کي درپيش چئلينجز، بين المذاهب هم آهنگي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ سميت مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ترڪيه جي مذهبي معاملن جي اتاشي ڊاڪٽر عبدالرحمان اڪوش، ٽيڪا پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ صالحه تونا ۽ ترڪ هلال احمر (ترڪ قزلاءِ) جي نمائنده به موجود هئي. ان موقعي تي سردار محمد يوسف پاڪستان ۽ ترڪيه جي تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي ناتن کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام مذهب، گڏيل تهذيبي ورثي ۽ صوفياءِ ڪرام جي تعليمن ذريعي مضبوط رشتن ۾ ٻَڌل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا ناتا فقط سفارتي نوعيت جا نه پر ٻئي قومون هڪٻئي جي ڏُک سک جون حقيقي شريڪ آهن. وفاقي وزير وچ اوڀر ۾ امن جي قيام ۽ مسلم اُمت جي اتحاد لاءِ ترڪ صدر جي ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن ان حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪردار ۽ پاڪستان جي امن پسند پاليسيءَ کان به سفير کي آگاهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته موجوده عالمي حالتن ۾ سيرت النبيﷺ جي تعليمن کي عام ڪرڻ جي ضرورت پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نوجوان نسل کي اسلامي تعليمن، رواداري، اعتدال ۽ اخلاقي قدرن سان جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن هڪ پُرامن ۽ متوازن معاشري جي جوڙجڪ ممڪن ٿي سگهي. سفير پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ پُراڻن ڀائراڻن ناتن کي ٻنهي ملڪن جو قيمتي اثاثو قرار ڏيندي چيو ته ترڪيه حڪومت پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحاليءَ کي پوري مسلم اُمت جو مضبوط ٿنڀ تصور ڪري ٿي. هن چيو ته ترڪيه مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان سهڪار جاري رکندو، هاڻ تائين سڄي ملڪ ۾ 700 کان وڌيڪ فلاحي ۽ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري چڪي آهي. سفير وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته مسلم دنيا کي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل سهڪار ۽ اتحاد اڻٽر آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي خواهش آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه گڏيل سهڪار، دوستي ۽ ڀائيواريءَ ذريعي ترقي ۽ خوشحاليءَ جون نيون منزلون طئي ڪري ۽ حڪومتي ۽ عوامي سطح تي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو وڃي.

مزید خبریں