وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ايران جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم سيڙپڪاري بورڊ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي سهڪار، سرحدي واپار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن ٻه طرفي واپار کي طئي ٿيل هدف 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي …

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم سيڙپڪاري بورڊ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي سهڪار، سرحدي واپار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن ٻه طرفي واپار کي طئي ٿيل هدف 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ايران سرحدي اسپيشل اڪنامڪ زون (ايس اي زيڊ) کي جلد فعال بنائڻ ۽ سرحدي واپار ۾ واڌ لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ ۾ علائقائي سهڪار ۽ معاشي استحڪام لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. سفير ڪراچي بندرگاهه تي رُڪيل ايراني ڪنٽينرز کي فوري ڪليئرنس جي درخواست ڪئي، جنهن تي وفاقي وزير لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن سان گڏجي مسئلي جي حل جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ايران طرفان پاڪستان کي وچ ايشيائي مارڪيٽن تائين پهچ فراهم رڪڻ جي آڇ جي پڻ آجيان ڪئي وئي جڏهن ته ٻنهي ڌُرين سرحد پار روزانو گذرندڙ ٽرڪن جو انگ 2 هزار تائين وڌائڻ جي تجويز تي غور ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزارت پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي سهڪار، سيڙپڪاري ۽واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ رابطا خطي ۾ اقتصادي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اهم ثابت ٿيندا.

مزید خبریں