پاڪستان خطي ۽ عالمي امن لاءِ ذميوار ۽ اعتماد جوڳو ڀائيوار آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي اهو پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان صرف خطي ئي نه پر عالمي امن لاءِ پڻ هڪ ذميوار، اثرائتو ۽ اعتماد جوڳو ڀائيوار آهي. اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي ٽياڪڙي طور وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صحيح پاڪستان جي عالمي اعتماد ۽ اثرائتو ڪردار جو واضح …

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي اهو پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان صرف خطي ئي نه پر عالمي امن لاءِ پڻ هڪ ذميوار، اثرائتو ۽ اعتماد جوڳو ڀائيوار آهي. اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي ٽياڪڙي طور وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صحيح پاڪستان جي عالمي اعتماد ۽ اثرائتو ڪردار جو واضح ثبوت آهي. خميس ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايراني صدر مسعود پزيشڪيان جي صحيحن سان پاڪستان جي ٽياڪڙي وارو ڪردار تاريخ جي ورقن ۾ هڪ اهم سنگِ ميل طور تي ياد رکيو ويندو. اها ڪاميابي وزيراعظم جي مدبراڻي قيادت، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي متحرڪ سفارتڪاري، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڏور رس حڪمت عملي ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي مسلسل ڪوششن جو نتيجو آهي، جن ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ مناسب تجويز جي عالمي آواز طور تي مڃرايو. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته هو تڪرارن کي هوا ڏيڻ نه پر ڳالهين، مفاهمت ۽ امن کي هٿي ڏيڻ وارو ملڪ آهي. اها سفارتي ڪاميابي سڄي قوم لاءِ فخر جوڳي آهي ۽ عالمي برادريءَ ۾ پاڪستان جي مضبوط، هاڪاري ۽ ذميداراڻي ڪردار جي عڪاس آهي.