وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي تاريخي ڪاميابيءَ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪستان جي سفارتي ٽيم کي دلي واڌايون پيش ڪيون آهن. جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي مدبراڻي …

اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي تاريخي ڪاميابيءَ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪستان جي سفارتي ٽيم کي دلي واڌايون پيش ڪيون آهن. جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي مدبراڻي قيادت، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي اثرائتي سفارتڪاري ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي روشن ڪندڙ رهنمائي پاڪستان کي عالمي سطح تي هڪ ذميدار، اعتماد جوڳي ۽ اثرائتي رياست طور وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم طرفان ٽياڪڙي طور اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪرڻ پاڪستان لاءِ هڪ عظيم اعزاز ۽ تاريخي سفارتي ڪاميابي آهي. ان مفاهمتي يادداشت تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جي صحيح موجود آهي، جيڪا پاڪستان تي عالمي برادريءَ جي اعتماد جو واضح اظهار آهي. وفاقي وزير چيو ته اها اڳڀرائي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار جو واضح ثبوت آهي. ان موقعي تي هن پاڪستان جي سينيئر سفارتڪارن ۽ پرڏيهي وزارت جي پوري ٽيم جي شاندار ڪارڪردگيءَ کي پڻ ساراهيندي چيو ته هن قومي مفادن جي تحفظ ۽ پاڪستان جي مؤقف کي عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت قومي مفادن جي تحفظ، علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي وقار ۾ واڌ لاءِ تعريف جوڳيون خدمتون انجام ڏنيون آهن. هن ان تاريخي ڪاميابيءَ کي پوري قوم لاءِ فخر جوڳو قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان مستقبل ۾ پڻ عالمي امن، استحڪام ۽ سفارتي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو.