ميڪسيڪو سٽي - 18 جون (اي پي پي) ميڪسيڪو جي صدر ڪلاڊيا شينبام ڪيوبا خلاف آمريڪا جي ڪيترن ئي سالن کان جاري اقتصادي پابندين ۽ ناڪابندي جي مخالفت جو ورجاءِ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر شينبام چيو ته هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيلي فونڪ ڳالهين دوران ڪيوبا تي لاڳو پابندين ۾ نرمي جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته ڪيوبا پنهنجي معيشت …
ميڪسيڪو جو ڪيوبا خلاف آمريڪي پابندين جي مخالفت جو ورجاءِ

مزید خبریں
ميڪسيڪو سٽي – 18 جون (اي پي پي) ميڪسيڪو جي صدر ڪلاڊيا شينبام ڪيوبا خلاف آمريڪا جي ڪيترن ئي سالن کان جاري اقتصادي پابندين ۽ ناڪابندي جي مخالفت جو ورجاءِ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر شينبام چيو ته هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيلي فونڪ ڳالهين دوران ڪيوبا تي لاڳو پابندين ۾ نرمي جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته ڪيوبا پنهنجي معيشت کي کولڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. ان لاءِ ان اڳڀرائي کي سامهون رکڻ گهرجي. صدر مطابق ميڪسيڪو تاريخي طور تي ڪيوبا خلاف اهڙين پابندين جي مخالفت ڪندو آيو آهي. هن چيو ته ميڪسيڪو جو موقف ان پراڻي پاليسي ۽ قومي خود مختياري جي احترام تي ٻڌل آهي. ڪيوبا جي عوام کي سزا نه ڏيڻ گهرجي. صدر شينبام ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ميڪسيڪو ۽ ڪيوبا وچ ۾ يڪجهتي ۽ دوستاڻن لاڳاپن جي هڪ مضبوط ۽ ڊگهي تاريخ موجود آهي.











