ڏکڻ ڪوريا جي گاڏين جي روانگي واپار ۾ مسلسل ٻئي مهيني گهٽتائي رڪارڊ

سيئول- 17 جون (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي گاڏين جي روانگي واپار ۾ هلندڙ سال مئي دوران مسلسل ٻئي مهيني گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو بنيادي سبب گهٽ ڪاروباري ڏينهن ۽ آٽو پارٽس جي پيداوار ۾ رڪاوٽ قرار ڏنو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روانگي واپار ساليانو بنيادن تي 5.9 سيڪڙو گهٽ ٿي 5.83 ارب آمريڪي ڊالر رهيو، جڏهن ته اپريل ۾ به ان ۾ 5.5 سيڪڙو جي …

سيئول- 17 جون (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي گاڏين جي روانگي واپار ۾ هلندڙ سال مئي دوران مسلسل ٻئي مهيني گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو بنيادي سبب گهٽ ڪاروباري ڏينهن ۽ آٽو پارٽس جي پيداوار ۾ رڪاوٽ قرار ڏنو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روانگي واپار ساليانو بنيادن تي 5.9 سيڪڙو گهٽ ٿي 5.83 ارب آمريڪي ڊالر رهيو، جڏهن ته اپريل ۾ به ان ۾ 5.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي هئي. رپورٽ مطابق ان جي گهٽتائي جو سبب گهٽ ورڪنگ ڊيز کان علاوه هڪ مقامي آٽو پارٽس سپلائز جي فيڪٽري ۾ لڳندڙ باهه هئي. جنهن سان گاڏين جي پيداوار متاثر ٿي. انگن اکرن مطابق آمريڪا کي گاڏين جو روانگي واپار 2.0 سيڪڙو گهٽ ٿي 2.44 ارب ڊالر رهجي ويو، جڏهن ته يورپي يونين کي روانگي واپار 6.5 سيڪڙو گهتائي بعد 7833 ملين ڊالر تائين محدود رهيو. اهڙي طرح ايشيائي ملڪن کي گاڏين جي روانگي واپار ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ اهو 428 ملين ڊالر تائين رهجي ويو. ٻئي پاسي ماحول دوست گاڏين جي عالمي طلب بدستور مضبوط رهي، جنهن سبب ان جو روانگي واپار مئي ۾ ساليانو بنيادن تي 9.9 سيڪڙو اضافي سان 2.40 ارن آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو. ان ماحول دوست گاڏين ۾ اليڪٽرانڪ وهيڪلز، فيول سيل اليڪٽرانڪ وهيڪلز، هائبرڊ اليڪٽرانڪ وهيڪلز ۽ پلگ ان هائبرڊ اليڪٽرانڪ وهيڪلز شامل آهن. رپورٽ مطابق مئي ۾ روانگي واپار ڪيل گاڏين جو مجموعي انگ 2 لک 30 هزار 72 رهيو، جيڪو گذريل سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 6.6 سيڪڙو گهٽ آهي، جڏهن ته آٽو پارٽس جو روانگي واپار به 3 سيڪڙو گهٽتائي بعد 1.61 ارب ڊالر رهيو. ملڪ ۾ مقامي فيڪٽرين ۾ تيار ڪيل گاڏين جي انگ ۾ به 8.2 سيڪڙو گهٽتائي بعد 3 لک 29 هزار 559 يونٽس رهجي ويو. ٻئي پاسي ڏکڻ ڪوريا اندر مقامي ۽ آمدني واپار ٿيل گاڏين سميت مجموعي وڪرو هڪ لک 27 هزار 315 يونٽس رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو هڪ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ 10.3 سيڪڙو گهٽ آهي.