چيني ڪاروباري ادارن جا پرڏيهي اثاثا 80 کرب ڊالر کان وڌي ويا

شنگهائي- 17 جون (اي پي پي) چيني ڪاروباري ادارن جا پرڏيهي اثاثا 2025ع جي آخر تائين 80 کرب ڊالر کان وڌي ويا . پرڏيهي ميڊيا مطابق اسٽيٽ ايڊمنيسٽر آف فارن ايڪسچينج جي سربراهه زويلسن اربع ڏينهن تي شنگهائي ۾ منعقد 2026ع لوجيازوئي فورم کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته 2025ع جي آخر تائين چيني ڪاروباري ادارن جي پرڏيهي اثاثن جي مجموعي ماليت 80 کرب آمريڪي ڊالر کان وڌي وئي آهي. هن …

شنگهائي- 17 جون (اي پي پي) چيني ڪاروباري ادارن جا پرڏيهي اثاثا 2025ع جي آخر تائين 80 کرب ڊالر کان وڌي ويا . پرڏيهي ميڊيا مطابق اسٽيٽ ايڊمنيسٽر آف فارن ايڪسچينج جي سربراهه زويلسن اربع ڏينهن تي شنگهائي ۾ منعقد 2026ع لوجيازوئي فورم کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته 2025ع جي آخر تائين چيني ڪاروباري ادارن جي پرڏيهي اثاثن جي مجموعي ماليت 80 کرب آمريڪي ڊالر کان وڌي وئي آهي. هن چيو ته تازن سالن ۾ چين ڪيپيٽل اڪائونٽ کي وڌيڪ کولڻ بابت پنهنجي پاليسين ۾ مسلسل بهتري آندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ ٻه طرفو اضافو ۽ سيڙپڪاري جي ڍانچي ۾ بهتري آئي آهي. زويلڪسن مطابق 2025ع جي آخر تائين چين ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو مجموعي ڳاڻيٽو 40 کرب آمريڪي ڊالر تائين پهچي چڪو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان عرصي دوران پرڏيهي سيڙپڪارن طرفان چين جي مقامي شيئرز ۽ بانڊز ۾ سيڙپڪاري به 10 کرب آمريڪي ڊالر کان وڌي وئي، جيڪا ملڪي مالياتي مارڪيٽن تي عالمي سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي آهي.

مزید خبریں