بيجنگ- 17 جون (اي پي پي) چين جي اتر اولهه صوبي چنگهائي جي هائي شي منگول اينڊ تبتين پرفڪچر ۾ آيل 6.3 شدت جي زلزلي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو اجل جو شڪار ۽ 8 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق زلزلي سبب متاثر علائقي ۾ قائم ڪيل امداد ۽ بحالي هيڊڪوارٽر ٻڌايو ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي. مقامي پرائمري ۽ …
چين جي صوبي چنگهائي ۾ 6.3 شدت جو زلزلو

مزید خبریں
بيجنگ- 17 جون (اي پي پي) چين جي اتر اولهه صوبي چنگهائي جي هائي شي منگول اينڊ تبتين پرفڪچر ۾ آيل 6.3 شدت جي زلزلي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو اجل جو شڪار ۽ 8 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق زلزلي سبب متاثر علائقي ۾ قائم ڪيل امداد ۽ بحالي هيڊڪوارٽر ٻڌايو ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي. مقامي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي شاگردن، استادن ۽ هزارين رهائشين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري پنج عارضي پناهگاهن ۾ رکيو ويو آهي، جتي کين زندگي جون ضروري شيون فراهم ڪيون پيون وڃن. اختيارين مطابق مقامي سياحتي هنڌن کي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سياحن کي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. هاڻ تائين مرڪزي ۽ مقامي حڪومتن طرفان امدادي سامان متاثر علائقن ۾ پهچايو ويو آهي، جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ امدادي ڪارڪنن ۽ 200 گاڏين امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو آهي. چين جي زلزلي نيٽ ورڪس مرڪز جي رپورٽ مطابق زلزلو اڱاري ڏينهن شام 5 لڳي 6 منٽن تي آيو. جنهن جو مرڪز زمين کان 10 ڪلوميٽر اونهائي ۾ هو.











