وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود دانش اسڪولز اٿارٽي جو ميمبر نامزد

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي منظوري سان وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان کي دانش اسڪولز اٿارٽي جو ميمبر نامزد ڪيو ويو. وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت، راڻا مشهود احمد خان کي دانش اسڪولز اٿارٽي ۾ شموليت جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. راڻا مشهود احمد خان کي دانش اسڪولز اٿارٽي ۾ ڪوآپريٽڊ ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. …

اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي منظوري سان وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان کي دانش اسڪولز اٿارٽي جو ميمبر نامزد ڪيو ويو. وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت، راڻا مشهود احمد خان کي دانش اسڪولز اٿارٽي ۾ شموليت جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. راڻا مشهود احمد خان کي دانش اسڪولز اٿارٽي ۾ ڪوآپريٽڊ ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان مطابق وزيراعظم طرفان پنهنجي نامزدگي تي راڻا مشهود احمد خان خوشي جو اظهار ڪيو. راڻا مشهود احمد خان چيو ته وزيراعظم جو اعتماد مون لاءِ اعزاز ۽ ذميواري آهي، دانش اسڪولز جي ويزن کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندس، معياري تعليم ۽ نوجوانن جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ڀرپور انداز ۾ نڀائيندس. هن چيو ته دانش اسڪولز اٿارٽي ۾ شموليت نوجوانن ۽ تعليم جي شعبي ۾ مدد کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي، تعليم ذريعي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ قومي ترقي کي بنياد آهي، مستحق ۽ باصلاحيت شاگردن کي بهترين تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي.