اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن شاندار تيزي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو، جتي بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس پهرين ڀيرو هڪ لک 80 هزار پوائنٽس جي نفيساتي حد عبور ڪري ورتو. شروعاتي ڪاروبار دوران مارڪيٽ ۾ 3،400 کان وڌيڪ پوائنٽس جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 100 انڊيڪس هڪ لک 80 هزار 499 پوائنٽس …
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي
اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن شاندار تيزي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو، جتي بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس پهرين ڀيرو هڪ لک 80 هزار پوائنٽس جي نفيساتي حد عبور ڪري ورتو. شروعاتي ڪاروبار دوران مارڪيٽ ۾ 3،400 کان وڌيڪ پوائنٽس جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 100 انڊيڪس هڪ لک 80 هزار 499 پوائنٽس جي سطح تائين پهچي ويو. سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد، معاشي اشارين ۾ بهتري ۽ مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان سبب شيئرز جي خريداري ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ياد رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن به اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي هئي، جڏهن ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 4،639 پوائنٽس اضافي سان 177،039 پوائنٽس تي بند ٿيو هو. مارڪيٽ ماهرن مطابق معاشي استحڪام، سيڙپڪار دوست پاليسين ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ بهتري سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج مسلسل نئين سطح تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته 180 هزار پوائنٽس جي سطح جو عبور هجڻ ملڪي سيڙپ مارڪيٽ لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي.











