تهران -16 جون (اي پي پي) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن واري مفاهمتي يادداشت جي اعلان کان پوءِ آمريڪا پاران سامونڊي ناڪا بندي ختم ٿيڻ تي 5 ايراني سامونڊي جهاز آبنائي هرمز مان گذريا. پرڏيهي ميڊيا موجب انهن سامونڊي جهازن ۾ 3 تيل بردار جهاز ۽ 2 ضروري شيون کڻي ويندڙ جهاز شامل هئا. آمريڪا اپريل ۾ آبنائي هرمز ۾ سامونڊي ناڪابندي لاڳو ڪئي هئي، جنهن تحت ايراني بندرگاهن …
آمريڪا پاران ايران مخالف سامونڊي ناڪابندي ختم، 5 ايراني سامونڊي جهاز آبنائي هرمز مان گذريا
تهران -16 جون (اي پي پي) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن واري مفاهمتي يادداشت جي اعلان کان پوءِ آمريڪا پاران سامونڊي ناڪا بندي ختم ٿيڻ تي 5 ايراني سامونڊي جهاز آبنائي هرمز مان گذريا. پرڏيهي ميڊيا موجب انهن سامونڊي جهازن ۾ 3 تيل بردار جهاز ۽ 2 ضروري شيون کڻي ويندڙ جهاز شامل هئا. آمريڪا اپريل ۾ آبنائي هرمز ۾ سامونڊي ناڪابندي لاڳو ڪئي هئي، جنهن تحت ايراني بندرگاهن تان ايندڙ ويندڙ جهازن کي ان رستي تان گذرڻ کان روڪيو ويو هو. رپورٽ موجب ايران آمريڪا ۽ پاڪستان سومر تي جنگ جي خاتمي بابت مفاهمتي يادداشت کي حتمي شڪل ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ٻڌايو ويو ته ان تي باضابطا صحيحيون جمعي تي سوئيٽزرلينڊ ۾ ڪيون وينديون. اعلان کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي لاڳو سامونڊي ناڪابندي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، مفاهمتي يادداشت تي صحيحين کان پوءِ ايران جمعي تي آبنائي هرمز ٻيهر کوليندو.











