جڪارته-16 جون (اي پي پي) انڊونيشيا جي سلاويسي ٻيٽ ۾ اڱاري ڏينهن صبح زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، جن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 6.7 رڪارڊ ڪئي وئي پر فوري طورتي ڪنهن جاني يا مالي نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي زلزلي نيٽ ورڪس سينٽر مطابق انڊونيشيا جي ٻيٽ سلاويسي ۾ گذريل ڏينهن بيجنگ جي مقامي وقت مطابق 11 لڳي 27 منٽن تي …
انڊونيشيا ۾ 6.7 شدت جي زلزلي جا لوڏا
جڪارته-16 جون (اي پي پي) انڊونيشيا جي سلاويسي ٻيٽ ۾ اڱاري ڏينهن صبح زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، جن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 6.7 رڪارڊ ڪئي وئي پر فوري طورتي ڪنهن جاني يا مالي نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي زلزلي نيٽ ورڪس سينٽر مطابق انڊونيشيا جي ٻيٽ سلاويسي ۾ گذريل ڏينهن بيجنگ جي مقامي وقت مطابق 11 لڳي 27 منٽن تي 6.7 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. مرڪز جي جاري ڪيل بيان مطابق زلزلي جو مرڪز ڏکڻ عرض البلد ۾ 0.95 ڊگري ۽ وچ اوڀر طول البلد ۾ 120.10 ڊگري تي واقع زمين جي 20 ڪلوميٽر جي اونهائي ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. سي اي اين سي شروعاتي پيمائش جي بنياد تي زلزلي جي شدت 7.0 ٻڌائي هئي. پر بعد ۾ ان جي شدت 6.7 رڪارڊ ڪئي وئي.










