فرانس ۾ عالمي دفاعي نمائش ۾ اسرائيلي ڪمپنين جا هڪ درجن اسٽال بند

پيرس-16 جون (اي پي پي) فرانس جي گادي واري شهر پيرس جي ڀرپاسي ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي دفاعي ۽ سيڪيورٽي نمائش ۾ اسرائيل جي هڪ درجن ڪمپنين جا اسٽال بند ڪيا ويا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق نمائش جا انتظام سنڀاليندڙ اداري گوگس ايونٽس ٻڌايو آهي ته يورو سائٽري آرمز ۽سيڪيورٽي ٽريڊ شو ۾ اهي اسٽال فرانسيسي اختيارين طرفان مقرر ڪيل شرڪت جي شرطن جي ڀڃڪڙي سبب بند ڪيا ويا. بيان …

پيرس-16 جون (اي پي پي) فرانس جي گادي واري شهر پيرس جي ڀرپاسي ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي دفاعي ۽ سيڪيورٽي نمائش ۾ اسرائيل جي هڪ درجن ڪمپنين جا اسٽال بند ڪيا ويا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق نمائش جا انتظام سنڀاليندڙ اداري گوگس ايونٽس ٻڌايو آهي ته يورو سائٽري آرمز ۽سيڪيورٽي ٽريڊ شو ۾ اهي اسٽال فرانسيسي اختيارين طرفان مقرر ڪيل شرڪت جي شرطن جي ڀڃڪڙي سبب بند ڪيا ويا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ادارو فرانيسي اختيارين جي فيصلن تي عمل درآمد جو پابند هو. ان لاءِ 12 اسٽالز بند ڪرڻا پيا. ڪوگس ايونٽ جي سربراهه چارلس بودوئن چيو ته فرانس 2026ع جي نمائش ۾ اسرائيلي جارحاڻي هٿيارن جي نمائش تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ اسرائيلي ڪمپنين کي صرف بيلسٽڪ ميزائلن ۽ فضائي دفاع بابت اوزار ۽ مصنوعات نمائس لاءِ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. يوروسائٽري نمائش 15 کان 19 جون تائين پيرس جي اتر ۾ هڪ ايگزيبيشن مرڪز ۾ جاري آهي. واضع رهي ته 2024ع ۾ به انهي واپاري شو ۾ اسرائيلي دفاعي ڪمپنين کي شرڪت کان روڪيو ويو هو.