بيجنگ-16 جون (اي پي پي) چين جي هلندڙ سال مئي دروان صنعتي پيداور ۾ تيزي آئي، جڏهن ته سامان ۽ هاءِ ٽيڪ مينوفيڪچرنگ جي شعبن ۾ نمايان اوسر رڪارڊ ڪئي وئي. سي جي ٽي اين مطابق چين جي قومي انگن اکرن واري اداري مطابق مئي دوران چين ۾ پيداوار ۽ رسد مستحڪم رهي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري ڏسڻ ۾ آئي. روزگار ۽ شين جون قيمتون مجموعي طورتي مستحڪم رهيون …
چين جي صنعتي پيداوار ۾ تيزي، سامان ۽ هاءِ ٽيڪ مينوفيڪچرنگ جي شعبن ۾ نمايان اوسر رڪارڊ
بيجنگ-16 جون (اي پي پي) چين جي هلندڙ سال مئي دروان صنعتي پيداور ۾ تيزي آئي، جڏهن ته سامان ۽ هاءِ ٽيڪ مينوفيڪچرنگ جي شعبن ۾ نمايان اوسر رڪارڊ ڪئي وئي. سي جي ٽي اين مطابق چين جي قومي انگن اکرن واري اداري مطابق مئي دوران چين ۾ پيداوار ۽ رسد مستحڪم رهي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري ڏسڻ ۾ آئي. روزگار ۽ شين جون قيمتون مجموعي طورتي مستحڪم رهيون ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري ڏسڻ ۾ آئي. پرڏيهي واپار جي لچڪ برقرار رهي. نيون اقتصادي سرگرم طاقتون وڌيڪ مضبوط ٿيون ۽ ملڪ جي معيشت مجموعي طورتي مستحڪم رهيم جنهن ۾ ترقي ۽ بهتري جو رجحان رهيو. انگن اکرن مطابق صنعتي پيداوار ۾ تيزي آئي جڏهن ته سامان ۽ هاءِ ٽيڪ مينوفيڪچرنگ جي شعبن ۾ نمايان اوسر رڪارڊ ڪئي وئي. مئي ۾ مقرر ڳاڻيٽي سان وڏن صنعتي ادارن جي اضافي قدر ۾ ساليانو بنيادن تي 4.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 0.4 سيڪڙو پوائنٽس وڌيڪ آهي. ان دوران سروسز جي پيداواري انڊيڪس ۾ هر سال 4.4 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. جيڪو گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 0.1 پوائنٽس وڌيڪ رهيو. هلندڙ سال 4.4 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، جيڪو گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 0.1 پوائنٽس وڌيڪ رهيو. هلندڙ سال جنوري کان مئي تائين صارفين جي سامان ۽ سروسز جي ٽوٽل ريٽيل سيلز ۾ گذريل سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 2.8 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. مئي ۾ شين جي آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي مجموعي ماليت 44 کرب 51 ارب 60 ڪروڙ يوآن رهي، جيڪا هر سال 16.9 سيڪڙو ۽ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 2.7 سيڪڙو پوائنٽس وڌيڪ رهي.











