پيرس-16 جون (اي پي پي) ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني اعلان ڪيو آهي ته سندس ملڪ يورپي يونين جي سيڪيورٽي ايڪشن فار يورپ (سيف) پروگرام تحت پهريون دفاعي معاهدو حاصل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم مارڪ ڪارني اهو اعلان فرانس ۾ منعقد جي - سيون اڳواڻن جي اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو …
ڪينيڊين وزيراعظم جو يورپي يونين جي سيف پروگرام تحت پهرين دفاعي معاهدي جو اعلان

مزید خبریں
پيرس-16 جون (اي پي پي) ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني اعلان ڪيو آهي ته سندس ملڪ يورپي يونين جي سيڪيورٽي ايڪشن فار يورپ (سيف) پروگرام تحت پهريون دفاعي معاهدو حاصل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم مارڪ ڪارني اهو اعلان فرانس ۾ منعقد جي – سيون اڳواڻن جي اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته مونٽريال ۾ قائم دفاعي ٽيڪنالاجي ڪمپني مارڪوني ٽيڪنالوجيز کي هڪ ڪروڙ ڪينيڊين ڊالر کان وڌيڪ ماليت جو معاهدو ڏنو ويو آهي، جنهن تحت هو پوليند جي سائبر ڪمانڊ کي ڪينيڊا ۾ تيار ڪيل اورين ٽيڪنيڪل ريڊيوز فراهم ڪندي. پولينڊ جي ڪمپني اينامور انٽرنيشنل جي شراڪتداري سان جاري ان منصوبي ۾ اٽڪل 100 ڪينيڊين ڪمپنيون شريڪ ٿينديون، جڏهن ته اوزار جي فراهمي هلندڙ سال جي آخر کان 2030ع تائين جاري رهندي. اهو سيف پروگرام تحت ڪنهن ڪينيڊين ڪمپني کي ڏنل پهريون معاهدو آهي. هلندڙ سال جي آخر ۾ ڪينيڊا ان قدم ۾ شامل ٿيندڙ پهريون غير يورپي ملڪ بڻيو هو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيف پروگرام ۾ شموليت بعد ڪينيڊا جون دفاعي ڪمپنيون يورپي معاهدن لاءِ مقابلي جي اهل ٿي ويون آهن. جنهن سان ملڪ ۾ روزگار ۽ معاشي موقعا پيدا ٿيندا. واضع رهي ته سيف پروگرام کي مئي 2025ع ۾ منطور ڪيو ويو هو. اهو يورپي يونين جو مالياتي نظام آهي، جنهن جو مقصد ميمبر ملڪن کي يورپي دفاعي صنعت ۾ هنگامي ۽ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ذريعي پنهنجي دفاعي تيارين کي تيز ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.











