گڏيل قومون-16 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي صدر انالينا بيئربوڪ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي طئي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب انالينا بيئر بوڪ هڪ بيان ۾ چيو ته جنرل اسمبلي جي صدر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان بيان جو ورجاءُ ڪري ٿي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران جي ان اعلان جي آجيان ڪئي وئي آهي ته ٻنهي …
گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي صدر پاران آمريڪا ايران معاهدي جي آجيان

مزید خبریں
گڏيل قومون-16 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي صدر انالينا بيئربوڪ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي طئي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب انالينا بيئر بوڪ هڪ بيان ۾ چيو ته جنرل اسمبلي جي صدر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان بيان جو ورجاءُ ڪري ٿي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران جي ان اعلان جي آجيان ڪئي وئي آهي ته ٻنهي ملڪن دشمني جي خاتمي ۽ آبنائي هرمز کي کولڻ لاءِ هڪ مفاهمتي ياداشت تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي مهينن جي ويڙهه جي نتيجي ۾ هزارين شهري مارجي ۽ زخمي ٿي پيا آهن. شهري بنيادي ڍانچو تباهه ٿيو. خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيو ۽ عالمي معيشت کي شديد نقصان ٿيو، هن ٽياڪڙي ڪندڙ ڌرين جو شڪريو ادا ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته هو فوري ۽ مستقل جنگ بندي جي مڪمل پاسداري ڪن، جنهن ۾ لبنان به شامل آهي. ان موقعي مان فائدو حاصل ڪندي گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانون موجب سمورن تڪرارن جي سفارتي حل ڳولهڻ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي قيام، خطي جي سمورن ملڪن ۽ عوام جي تحفظ سلامتي کي يقيني بنائڻ ۽ بي گناهه شهرين جي تڪليفن جي خاتمي جو اهو ئي واحد رستو آهي.











