اسلام آباد- 16 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام لاءِ 100 ميگاواٽ شمسي توانائي منصوبي جا سمورا خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ شمسي توانائي منصوبي تي جائزي اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير …
گلگت بلتستان جي عوام لاءِ 100 ميگاواٽ شمسي توانائي منصوبي جا سمورا خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام لاءِ 100 ميگاواٽ شمسي توانائي منصوبي جا سمورا خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ شمسي توانائي منصوبي تي جائزي اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزير انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ، منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ منصوبي جي سڀني مرحلن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ غير جانبدار ٽئين ڌُر کان تصديق ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدارن گلگت بلتستان ۾ وفاقي حڪومت جي شمسي منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان جي سرڪاري عمارتن لاءِ 18 ميگاواٽ شمسي توانائي جو منصوبو آهي، گلگت ۽ ديامر ڊويزن جي سرڪاري عمارتن لاءِ 18 ميگاواٽ جو منصوبو ڊسمبر 2026ع ۽ بلتستان ڊويزن جي سرڪاري عمارتن لاءِ شمسي توانائي جو منصوبو آڪٽوبر 2026ع تائين مڪمل ٿيندو، جڏهن ته گلگت، اسڪردو، چلاس ۽ خپلو ۾ گهرن جي لاءِ 82 ميگاواٽ جي شمسي توانائي جي منصوبي تي پڻ ڪم جاري آهي.









