نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الوزارتي اجلاس

اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سومر ڏينهن هڪ بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي اهم حصيدار ملڪن سان ٻطرفي اقتصادي تعاون جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم ٿنڀ …

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سومر ڏينهن هڪ بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي اهم حصيدار ملڪن سان ٻطرفي اقتصادي تعاون جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم ٿنڀ آهي. هن جاري سيڙپڪاري جي تجويزن ۽ منصوبن تي عملدرآمد ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ حڪومتن ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ ۽ ڪاروباري ادارن جي گڏيل فريم ورڪ جي ذريعي ترجيحي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي هدايت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ، دفاع واري سيڪريٽري، ايس آءِ ايف سي جي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں