امن معاهدو پاڪستان لاءِ فخر جي گهڙي ۽ عالمي معيشت لاءِ اهم اڳڀرائي آهي، ڪيپيٽل مارڪيٽن جي استحڪام ۽ عالمي اقتصادي حصيدارين کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي کي پاڪستان لاءِ فخر جي گهڙي ۽ عالمي معيشت لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي، ته امن معاهدو خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ وارين سفارتي ڪوششن جي ڪاميابي جو اظهار آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سروس لانگ مارچ مارچ ٽائرز لميٽيڊ …

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي کي پاڪستان لاءِ فخر جي گهڙي ۽ عالمي معيشت لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي، ته امن معاهدو خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ وارين سفارتي ڪوششن جي ڪاميابي جو اظهار آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سروس لانگ مارچ مارچ ٽائرز لميٽيڊ جي لسٽنگ جي موقعي تي منعقد تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ناني واري وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اعتماد ۽ ڀروسي سان گڏوگڏ ٽياڪڙي واري عمل ۾ مسلسل مخلصاڻيون ۽ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون ۽ ان عمل کي ڪاميابي تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته ڳالهين کي هٿي وٺائڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ڪوششن جي حمايت ۾ پاڪستان جو ڪردار خطي ۾ امن جي قيام لاءِ هڪ تعميري ۽ ذميوار حصيدار طور ان جي حيثيت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هي اڳڀرائي سفارتڪاري، هاڪاري رابطن ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. وزير اعظم پاران هلندڙ هفتي مفاهمتي يادداشت  تي صحيحين  جي اعلان جو حوالو ڏيندي  ناڻي واري وزير چيو ته هن اڳڀرائي جا پاڪستان جي معيشت ۽ وسيع تر علائقائي استحڪام تي مثبت اثر پوندا. هن چيو ته گذريل 3 مهينن دوران پاڪستان ان تڪرار جي فوري معاشي اثرن جو موثر انداز ۾ مقابلو ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اعتماد جو اظهار ڪيو ته هي معاهدو امڪاني ثانوي ۽ ٽياڪڙي معاشي اثرن جي حوالي سان موجود ڳڻتي ۾ به گهٽتائي آڻيندو. ناڻي واري وزير چيو ته توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ پيدا ٿيل رڪاوٽن کي مڪمل طور معمول تي آڻڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو جڏهن ته معاهدو معاشي سرگرمين جي امڪانن کي بهتر بڻايو آهي ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ حوصلا افزا معاشي موقعا پيدا ڪيا آهن. ناڻي واري وزير پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي انتظاميه ۽ بورڊ کي شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪون ڏنيون ۽ سيرپڪارن، خاص ڪري نوجوان سيرپڪارن جي وڌندڙ شرڪت کي ساراهيو جيڪي وڏي انگ ۾ مارڪيٽ جو رخ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سروس لانگ مارچ ٽائرز لميٽڊ جي لسٽنگ پاڪستان جي مالياتي مارڪيٽن لاءِ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي. هن نشاندهي ڪئي ته موجوده مالي سال دوران ملڪ ۾ 11 شروعاتي آءِ پي اوز سامهون آيا، جيڪو تقريبن ٻن ڏهاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ آهي.  ناڻي واري وزير چيو ته ڪنهن به معيشت تي اعتماد جو سڀ کان مضبوط اظهار هن وقت سامهون اچي ٿو جڏهن سيڙپڪار پنهنجي سيڙپ لڳائڻ جو فيصلو ڪن ٿا. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ وڌندڙ سيڙپڪاري ملڪ جي معاشي رخ تي اعتماد ۾  واڌ جي عڪاس آهي. سروس لانگ مارچ ٽائرز لميٽڊ بابت ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته  هو ان منصوبي جي شروعاتي مرحلي کان ان سان لاڳاپيل آهي ۽ ان کي صنعتي تعاون ۽ روانگي واپار تي ٻڌل سيرپڪاري جي هڪ ڪامياب مثال قرار ڏنو.

مزید خبریں