گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، برطانيه، قطر، جاپان، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ پاران آمريڪا-ايران معاهدي جي آجيان

لنڊن - 15 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش، برطانيه جي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر، قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني، جاپان جي وزيراعظم سانائي تڪائيچي، آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز ۽ نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي کي اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي ان جي آجيان ڪئي آهي. برطانوي ۽ قطري پرڏيهي وزيرن امن معاهدي …

لنڊن – 15 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش، برطانيه جي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر، قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني، جاپان جي وزيراعظم سانائي تڪائيچي، آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز ۽ نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي کي اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي ان جي آجيان ڪئي آهي. برطانوي ۽ قطري پرڏيهي وزيرن امن معاهدي ۾ ٽياڪڙ طور پاڪستان جي ڪردار جي به تعريف ڪئي.  پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيه جي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر امن معاهدي کي نهايت اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ايران سان امن معاهدي جي خبر تي رد عمل ۾ هن ان جنگ جي خاتمي، علائقائي استحڪام جي قيام ۽ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ طرف هڪ نهايت اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. برطانوي وزيراعظم چيو ته مان امريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، پاڪستان ۽ قطر سميت ٻين ملڪن جي ٽياڪڙن کي ان اهم اڳڀرائي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. هن  چيو ته اسان پنهنجي شراڪتدارن سان گڏجي ان عمل جي حمايت جاري رکنداسين، جنهن ۾ ضرورت پوڻ تي دفاعي ۽ خودمختيار گهڻ رخي مشن جو قيام به شامل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته برطانيه جو موقف مستقل ۽ واضح آهي ته ايران کي ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي لکيو آهي ته اسان اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ پنهنجي ڀائرن جو دل جي گهرائين سان ٿورو مڃون ٿا. هن چيو ته اسان ان ڳالهه جا منتظر آهيون ته سموريون ڌريون ايندڙ ڳالهين ۾ هاڪاري ۽ تعميري جذبي سان شريڪ ٿينديون ته جيئن ان اڳڀرائي کي مستحڪم ڪري سگهجي ۽ ان کي اڳيان وڌائي سگهجي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان اعلان جي آجيان ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران هڪ امن معاهدي تي متفق ٿي ويا آهن جيڪو ان تڪرار جي پرامن حل طرف هڪ اهم قدم آهي. جاپان جي وزيراعظم سانائي تڪائيچي به ان معاهدي جي تعريف ڪئي آهي. هن چيو ته جاپان کي اميد آهي ته آبنائي هرمز ذريعي آزاداڻي ۽ محفوظ جهاز راني کي عملي طور يقيني بڻايو ويندو ۽ ايران جي ايٽمي مسئلي ۽ ٻين معاملن تي جلد کان جلد حتمي معاهدو طئي ٿيندو. آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز چيو آهي، ته کيس اميد آهي ته هي معاهدو پائيدار ۽ مضبوط امن جو سبب بڻجندو. هن چيو ته جيتوڻيڪ آبنائي هرمز مان جهازن جي اچ وڃ جي مڪمل بحالي ۾ وقت لڳندو پر ان اهم واپاري رستي جي بحالي توانائي جي قيمتن ۽ معيشتن تي دٻاءَ گهٽ ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري آهي. نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز ان معاهدي کي اهم ۽تعميري قرار ڏيندي چيو ته اها ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ هڪ اهڙي خطي ۾ استحڪام کي هٿي ڏيڻ طرف قدم آهي جيڪو عالمي معاشي سلامتي لاءِ نهايت اهم آهي.

مزید خبریں