اگرتله- 14 مئي(اي پي پي) رياست تريپوره ۾ بنگلاديش سان لڳندڙ سرحد تي ڀارتي پيرا ملٽري بارڊر سيڪيورٽي فورس (بي ايس ايف) جي اهلڪارن جي فائرنگ سبب هڪ 26 ورهين جو بنگلاديشي شهري فوت ٿي ويو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق اهو واقعو بي ايس ايف طرفان مبينه طور تي سرحد پار کان اسمگلنگ جي شڪي سرگرمين خلاف شروع ڪيل ڪارروائي دوران ضلعي اونا ڪوٽي جي ڪيلا شهر ويجهو پيش آيو. ڀارتي اختيارين …
ڀارت بنگلاديش سرحد تي بي ايس ايف جي فائرنگ، بنگلاديشي شهري فوت

مزید خبریں
اگرتله- 14 مئي(اي پي پي) رياست تريپوره ۾ بنگلاديش سان لڳندڙ سرحد تي ڀارتي پيرا ملٽري بارڊر سيڪيورٽي فورس (بي ايس ايف) جي اهلڪارن جي فائرنگ سبب هڪ 26 ورهين جو بنگلاديشي شهري فوت ٿي ويو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق اهو واقعو بي ايس ايف طرفان مبينه طور تي سرحد پار کان اسمگلنگ جي شڪي سرگرمين خلاف شروع ڪيل ڪارروائي دوران ضلعي اونا ڪوٽي جي ڪيلا شهر ويجهو پيش آيو. ڀارتي اختيارين ٻڌايو ته بنگلاديشي شهري فائرنگ ۾ شديد زخمي ٿيو ۽ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. سرحدي علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته مقتول جي لاش کي بعد ۾ ٻنهي طرفن جي اختيارين وچ ۾ فليگ ميٽنگ کانپوءِ بنگلاديشي اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏي.











