تهران-11 جون (اي پي پي ) ايران جي پاسداران انقلاب (آئي جي سي ) تازي آمريڪي حملن جي جواب ۾ دشمن جي 18 اهم هدفن کي نشانو بنائڻ ۽ انهن کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پرڏيهي ميڊيا موجب خميس واري ڏينهن پاسداران انقلاب بحرين ۾ آمريڪي پنجي بحري ٻيڙي تي ڊرون حملو ڪيو ڊرون حملن جي ان لهر ۾ آمريڪي بحريه جي پنجي ٻيڙي جي پيٽرياٽ سسٽم جي …
آمريڪا پاران ايران تي حملا، پاسداران انقلاب جي جوابي ڪاروائي ۾ دشمن جي 18 هدفن کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ

مزید خبریں
تهران-11 جون (اي پي پي ) ايران جي پاسداران انقلاب (آئي جي سي ) تازي آمريڪي حملن جي جواب ۾ دشمن جي 18 اهم هدفن کي نشانو بنائڻ ۽ انهن کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پرڏيهي ميڊيا موجب خميس واري ڏينهن پاسداران انقلاب بحرين ۾ آمريڪي پنجي بحري ٻيڙي تي ڊرون حملو ڪيو ڊرون حملن جي ان لهر ۾ آمريڪي بحريه جي پنجي ٻيڙي جي پيٽرياٽ سسٽم جي مواصلاتي اينٽينا ۽ ريڊار ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو بحرين ۽ ڪويت چيو ته ان جي فضائي دفاعي فورسز ميزائلن ۽ ڊرونز کي روڪيو ڪويت احتياطي قدمن طور تي ايراني حملن کانپوءِ پنهنجي فضائي حدن کي عارضي طور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو . ڪويت سول ايوي ايشن اٿارٽي به هڪ ايڪس پوسٽ ۾ اڏامن کي متبادل هوائي اڏن طرف موڙڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو ته هن ڪيترن ئي ايراني هدفن خلاف اضافي حملا مڪمل ڪيا آهن ان کانسواءِ ايراني ميڊيا ڏکڻ پاسي شهر سرڪ ۽ اولهه ۾ صوبي قزوين جي شهر ابيڪ ۾ ڌماڪن جي اطلاع ڏني ان سان گڏو گڏ ٻين علائقن ۾ ڊرون سرگرمين جو به اطلاع آهي.











