فلپائن ۾ 7.8 شدت جو لزلو، فوتگين جو انگ 47 ٿي ويو

منيلا _ 11 جون (اي پي پي) فلپائن جي ڏکڻ ٻيٽ منڊانا جي سامونڊي ڪناري ويجهو آيل 7.8 شدت جي طاقتور زلزلي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 47 ماڻهو فوت، 31 گُم جڏهن ته 688 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلپائن جي قومي ڊيزاسٽررسڪ ريڊيڪشن اينڊ مينجمنٽ ڪائونسل ميس تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ته زلزلو سومر ڏينهن منڊانا جي ڏکڻ سامونڊي ڪناري واري علائقي …

منيلا _ 11 جون (اي پي پي) فلپائن جي ڏکڻ ٻيٽ منڊانا جي سامونڊي ڪناري ويجهو آيل 7.8 شدت جي طاقتور زلزلي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 47 ماڻهو فوت، 31 گُم جڏهن ته 688 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلپائن جي قومي ڊيزاسٽررسڪ ريڊيڪشن اينڊ مينجمنٽ ڪائونسل ميس تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ته زلزلو سومر ڏينهن منڊانا جي ڏکڻ سامونڊي ڪناري واري علائقي ويجهو آيو جنهن  سبب ڪيتريون عمارتون، روڊ ۽ بنيادي ڍانچو متاثر ٿيو. اختيارين مطابق امدادي ٽيمون متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ڪاروائيون جاري رکيون آهن. جڏهن ته لاپتا ماڻهن جي ڳولا لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن. زخمين کي ويجهي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي جتي ڪيترن ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. حڪومت متاثر علائقن ۾ هنگامي امدادي قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ شهرين کي آفٽر شاڪس جي خطرن کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وڌيڪ نقصان ۽ صورتحال بابت معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي. جنهن سبب فوتگين ۽ زخمين جي انگ ۾ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

مزید خبریں