يمن جي فوجي ڪيمپ ۾ ڌماڪو، 12 ڄڻا مارجي ويا

صنعا-11 جون ( اي پي پي ) يمن جي ڏکڻ پاسي شهر عدن ۾ حڪومت نواز فوج جي فوجي ڪيمپ ۾ ڌماڪي سبب 12 اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا  موجب سيڪيورٽي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته خميس جي صبح عدن جي علائقي الحمداراه ۾ جائنٽس بريگيڊز جي انتظام هيٺ فوجي ڪيمپ ۾ ڌماڪي جي آواز شهر جي ڪيترن ئي علائقن …

صنعا-11 جون ( اي پي پي ) يمن جي ڏکڻ پاسي شهر عدن ۾ حڪومت نواز فوج جي فوجي ڪيمپ ۾ ڌماڪي سبب 12 اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا  موجب سيڪيورٽي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته خميس جي صبح عدن جي علائقي الحمداراه ۾ جائنٽس بريگيڊز جي انتظام هيٺ فوجي ڪيمپ ۾ ڌماڪي جي آواز شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻڌو ويو . سيڪيورٽي عهديدار ٻڌايو ته شروعاتي معلومات موجب ڌماڪي جو سبب ڪيمپ جي هٿيارن جي گودام ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي جيڪا بارود جي ذخيري تائين پکڙجي وئي جنهن سبب گودام جي اندر هڪ ٻئي کان پوءِ ڪيترائي ڌماڪا ٿيا اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪي کان پوءِ ڪيمپ مان باهه جا شعلا ۽ دونهون نظر آيو، حڪومت پاران ان واقعي تي ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو ۽ نقصانن جي مڪمل تفصيل به سامهون ناهن آيا.

مزید خبریں