سربيا جي صدر پاران  استعفيٰ ڏئي وزيراعظم جي چونڊ وڙهڻ جو اشارو

بلغراد _ 11 جون (اي پي پي ) سربيا جي صدر اليگزينڊرووچيچ اشارو ڏنو هي ته هو پنهنج عهدي تان استعفٰي ڏئي ايندڙ پارلياماني چونڊن ۾ وزيراعظم جي منصب لاءِ اميداوار بڻجي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ صدرووچيچ چيو ته هو استعفٰي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ مناسب وقت اچڻ تي ان بابت باضاط اعلان ڪندو . هن چيو ته ” مان صدارتي رهائش گاهه مان …

بلغراد _ 11 جون (اي پي پي ) سربيا جي صدر اليگزينڊرووچيچ اشارو ڏنو هي ته هو پنهنج عهدي تان استعفٰي ڏئي ايندڙ پارلياماني چونڊن ۾ وزيراعظم جي منصب لاءِ اميداوار بڻجي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ صدرووچيچ چيو ته هو استعفٰي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ مناسب وقت اچڻ تي ان بابت باضاط اعلان ڪندو . هن چيو ته ” مان صدارتي رهائش گاهه مان پنهجا ڪتاب کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ، ڇو ته مون وٽ ڪتابن جو وڏو انگ موجود آهي. هن ٻڌايو ته ممڪن آهي ته ٽن يا چار مهينن جي انتظار ڪرڻ کان پهريان پنهنجي عهدي کان الڳ ٿي وڃان. واضع رهي ته ووچيچ 21 مئي تي اعلان ڪيو هو ته ملڪ ۾ پارلياماني چونڊون هلندڙ سال سرءَ جي موسم، سيٽمبر جي آخر کان آڪٽوبر جي وچ ۾ ڪرايون وينديون.

مزید خبریں