گڏيل قومون- 10 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش وچ اوڀر ۾ تشدد جي نئين سر اضافي تي سخت پريشاني جو اظهار ڪيو آهي، جاري بيان ۾ هن راهداري ٻيهر کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ”ايڪس“ تي جاري بيان ۾ هن چيو ته سمورا حملا فوري بند ٿيڻ گهرجن. لبنان، ايران ۽ غزه ۾ مڪمل جنگ بندي ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل …
گڏيل قومن پاران وچ اوڀر ۾ تشدد جي خاتمي جو مطالبو
گڏيل قومون- 10 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش وچ اوڀر ۾ تشدد جي نئين سر اضافي تي سخت پريشاني جو اظهار ڪيو آهي، جاري بيان ۾ هن راهداري ٻيهر کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ”ايڪس“ تي جاري بيان ۾ هن چيو ته سمورا حملا فوري بند ٿيڻ گهرجن. لبنان، ايران ۽ غزه ۾ مڪمل جنگ بندي ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل کي غزه ۾ بند راهداري کولڻ گهرجي ته جيئن انساني امداد جي رواني ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته کيس اسرائيل جي غزه ۾ راهداري بند ڪرڻ جي فيصلي تي به ڳڻتي آهي ۽ هو سمورين راهدارين کي فوري ٻيهر کولڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو، ته جيئن غزه ۾ وسيع پيماني تي انساني امداد تيز ، محفوظ۽ بنا روڪاٽ رواني يقيني ٿي.












