فلپائن ۾ 7.8 شدت جي زلزلي جي نتيجي ۾ 45 ڄڻا اجل جو شڪار، 487 زخمي ٿي پيا

منيلا- 10 جون (اي پي پي) فلپائن ۾ 7.8 شدت جي طاقتور زلزلي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 45 ڄڻا اجل جو شڪار 487 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب فلپائن جي قومي ڊزاسٽر رسڪ ريڊڪشن اينڊ مئنيجمنٽ ڪائونسل ٻڌايو ته زلزلو سومر واري ڏينهن منڊانا جي ڏکڻ سامونڊي علائقي ويجهو پيش آيو، جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ وڏي پيماني تي تباهي ڏٺي وئي. اختيارين موجب …

منيلا- 10 جون (اي پي پي) فلپائن ۾ 7.8 شدت جي طاقتور زلزلي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 45 ڄڻا اجل جو شڪار 487 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب فلپائن جي قومي ڊزاسٽر رسڪ ريڊڪشن اينڊ مئنيجمنٽ ڪائونسل ٻڌايو ته زلزلو سومر واري ڏينهن منڊانا جي ڏکڻ سامونڊي علائقي ويجهو پيش آيو، جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ وڏي پيماني تي تباهي ڏٺي وئي. اختيارين موجب امدادي ٽيمون متاثر علائقن ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو ڪاروائيون جاري رکيون آهن، جڏهن ته گُم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن. زلزلي سبب عمارتون، روڊ ۽ بنيادي ڍانچي کي نقصان پهتو آهي. جڏهن ته ڪيترائي خاندان بي گهر ٿي ويا آهن. زخمين کي ويجهي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. حڪومت متاثر علائقن ۾ هنگامي امدادي سرگرمين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ عوام کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. اڳواڻن موجب فوتگين ۽ زخمين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.