ايران سان ڇڪتاڻ وڌائڻ جي صورت ۾ اوهان اڪيلا رهجي ويندا: آمريڪي صدر جي اسرائيلي وزيراعظم کي وارننگ

واشنگٽن- 09 جون (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي خبردار ڪيو آهي ته ايران سان ڇڪتاڻ وڌائڻ جي صورت ۾ هو جلد اڪيلو رهجي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ هن چيو ته هن اسرائيل کي ايران خلاف حملي جو دائرو گهٽ ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو، آمريڪي صدر چيو ته اسرائيل آمريڪا کي ايران تي حملن جي شروعات …

واشنگٽن- 09 جون (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي خبردار ڪيو آهي ته ايران سان ڇڪتاڻ وڌائڻ جي صورت ۾ هو جلد اڪيلو رهجي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ هن چيو ته هن اسرائيل کي ايران خلاف حملي جو دائرو گهٽ ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو، آمريڪي صدر چيو ته اسرائيل آمريڪا کي ايران تي حملن جي شروعات کان ڪجهه دير پهرين اطلاع ڏنو هو ته ۽ خاطري ڪرائي هئي ته اهي حملا محدود پيماني تي ٿيندا. هن چيو ته وچ اوڀر جي گهٽ ۾ گهٽ 5 ملڪن جي نمائندن اسرائيل تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ چيو هو.