افغانستان: طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب 301 ڄڻا فوت، 385 زخمي

ڪابل- 09 جون (اي پي پي) افغانستان ۾ گذريل 10 هفتن دوران طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سميت مختلف قدرتي آفتن سبب 301 ڄڻا فوت ۽ 385 زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق افغانستان جي قومي آفت کي منهن ڏيڻ واري اٿارٽي جي ترجمان حافظ محمد يوسف ٻڌايو ته ان آفت، سڄي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي ذريعن کي شديد نقصان پهچايو آهي. هن ٻڌايو ته اٽڪل 2 هزار گهر …

ڪابل- 09 جون (اي پي پي) افغانستان ۾ گذريل 10 هفتن دوران طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سميت مختلف قدرتي آفتن سبب 301 ڄڻا فوت ۽ 385 زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق افغانستان جي قومي آفت کي منهن ڏيڻ واري اٿارٽي جي ترجمان حافظ محمد يوسف ٻڌايو ته ان آفت، سڄي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي ذريعن کي شديد نقصان پهچايو آهي. هن ٻڌايو ته اٽڪل 2 هزار گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته 7 هزار 187 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. ساڳئي طرح اٽڪل 580 ڪلوميٽر روڊ لڙهي ويا آهن، جڏهن ته 30 هزار 300 ايڪٽر کان وڌيڪ زرعي زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو آهي، يا پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. ترجمان مطابق مجموعي طور تي 18 هزار 812 خاندان ان قدرتي آفت سان متاثر ٿيا آهن.