چين جو صدر اتر ڪوريا جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بيجنگ واپس پهچي ويو

بيجنگ- 09 جون (اي پي پي) چين جو صدر شي جن پنگ، اتر ڪوريا جو سرڪاري دوري کانپوءِ اڱاري ڏينهن بيجنگ واپس پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شي جن پنگ، اتر ڪوريا جي دوري جي دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهيون ڪيون. هن سان گڏ وفد ۾ سندس گهرواري پنگ لي يوان، ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ۽ جنرل آفيس جو ڊائريڪٽر …

بيجنگ- 09 جون (اي پي پي) چين جو صدر شي جن پنگ، اتر ڪوريا جو سرڪاري دوري کانپوءِ اڱاري ڏينهن بيجنگ واپس پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شي جن پنگ، اتر ڪوريا جي دوري جي دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهيون ڪيون. هن سان گڏ وفد ۾ سندس گهرواري پنگ لي يوان، ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ۽ جنرل آفيس جو ڊائريڪٽر سائي چي ۽ چين جو پرڏيهي وزير وانگ يي به شامل هو، جيڪي ساڳئي اڏام ذريعي واپس پهچي ويا.