چين ۽ ڪينيڊا جا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن مطابق آهن: چيني صدر

بيجنگ- 09 جون (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ لوئس آربرڪو کي 31هين گورنر جنرل جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته چين ۽ ڪينيڊا وچ ۾ لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن مطابق آهن. پرڏيهي مطابق چيني صدر شي جن پنگ اڱاري ڏينهن ڪولوئيس آربر جي نالي پنهنجي پيغام ۾ نشاندهي ڪئي ته چين ۽ ڪينيڊا جي لاڳاپن جي صحتمند ۽ مستحڪم ترقي ٻنهي …

بيجنگ- 09 جون (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ لوئس آربرڪو کي 31هين گورنر جنرل جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته چين ۽ ڪينيڊا وچ ۾ لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن مطابق آهن. پرڏيهي مطابق چيني صدر شي جن پنگ اڱاري ڏينهن ڪولوئيس آربر جي نالي پنهنجي پيغام ۾ نشاندهي ڪئي ته چين ۽ ڪينيڊا جي لاڳاپن جي صحتمند ۽ مستحڪم ترقي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن مطابق آهي. عالمي امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ به معاون آهي. هن چيو ته هو چين – ڪينيڊا لاڳاپن جي ترقي کي گهڻي اهميت ڏيندو آهي ۽ گورنر جنرل آربر سان ملي ڪري ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. صدر شي جن پنگ چيو ته گڏيل احترام، گڏيل فائدي، گڏيل ڪاميابي ۽ اختلافن باوجود گڏيل مقصد ڳولهڻ جي جذبي تحت چين – ڪينيڊا جي نئين اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي لاڳاپن کي صحتمند، مستحڪم ۽ پائيدار رستي تي اڳتي وڌايو ويندو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ فائدو پهچائي سگهجي.