رياض- 09 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي ميزباني ۾ وڊيو لنڪ ذريعي عرب بين الپارليماني يونين جي 39هين ڪانفرنس 10 جون کان شروع ٿيندي، اها 11 جون تائين جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا موجب شوريٰ ڪونسل جي اسپيڪر شيخ عبدالله محمد آل الشيخ ٻڌايو ته سعودي ڪائونسل ۽ عرب بين الپارليماني يونين جي انتظام هيٺ ڪانفرنس عرب پارليمان ۽ قانون ساز ڪائونسل جي اسپيڪر سان ڪيترن ئي علاقائي تنظيمن …
سعودي عرب جي ميزباني ۾ عرب بين الپارليماني يونين جي ڪانفرنس 10 جون کان شروع ٿيندي
رياض- 09 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي ميزباني ۾ وڊيو لنڪ ذريعي عرب بين الپارليماني يونين جي 39هين ڪانفرنس 10 جون کان شروع ٿيندي، اها 11 جون تائين جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا موجب شوريٰ ڪونسل جي اسپيڪر شيخ عبدالله محمد آل الشيخ ٻڌايو ته سعودي ڪائونسل ۽ عرب بين الپارليماني يونين جي انتظام هيٺ ڪانفرنس عرب پارليمان ۽ قانون ساز ڪائونسل جي اسپيڪر سان ڪيترن ئي علاقائي تنظيمن جي وفدن کي گڏ ڪندي. هن چيو ته ڪانفرنس جي سرپرستي عرب ملڪن جي گڏيل سهڪار، علاقائي سلامتي ۽ استحڪام کي مضبوط بنائڻ جي ڪوششن لاءِ سعودي عرب جي حمايت جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته گڏيل چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل موقف ۽ عرب دنيا ۾ ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ عرب پارليماني هم آهنگي ضروري آهي. 1974ع ۾ آڪٽوبر جي جنگ کانپوءِ شام جي گادي واري هنڌ دمشق ۾ قائم ٿيل عرب بين الپارليماني يونين هڪ علاقائي ادارو آهي، عرب پارليمان وچ ۾ سهڪار کي وڌائڻ، علائقائي بين الاقوامي مسئلن تي هم آهنگي عرب يڪجهتي قومي سلامتي جي حمايت ۽ ڳالهين جي نمائنده جمهوريت ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندي آهي. ياد رهي ته عرب بين الپارليماني يونين جي 38هين ڪانفرنس جي ميزباني 3 مئي 2025ع تي الجزائر ڪئي هئي.











