رياض- 09 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز شاهي فرمان جاري ڪيو آهي، جنهن تحت 212 ججن کي مقرري يا ترقي ڏني وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب انصاف واري وزير ڊاڪٽر وليد الصمعاني سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو وقتي اڳواڻ به هو، گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ويو ته انهن ججن جو تعلق انصاف واري وزارت جي ماتحت مختلف عدالتي ادارن سان آهي. هن چيو …
سعودي عرب جي شاهي فرمان تحت 212 ججن جي مقرري ۽ ترقي
رياض- 09 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز شاهي فرمان جاري ڪيو آهي، جنهن تحت 212 ججن کي مقرري يا ترقي ڏني وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب انصاف واري وزير ڊاڪٽر وليد الصمعاني سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو وقتي اڳواڻ به هو، گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ويو ته انهن ججن جو تعلق انصاف واري وزارت جي ماتحت مختلف عدالتي ادارن سان آهي. هن چيو ته انهن مقررين جو مقصد خدمتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ، عدالتي شعبي مان فائدو کڻندڙ تجربي کي بهتر بنائڻ ۽ ان جي نتيجن جي معيار کي بلند ڪرڻ آهي. هن سعودي قيادت جي لڳاتار حمايت تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته شاهي فرمان مملڪت ۾ عدليه جي ڪارڪردگي کي مضبوط بڻائيندو. هن ججن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.











