نيويارڪ- 09 جون (اي پي پي) نئين تحقيق مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته گذريل سال سڄي دنيا ۾ ايٽمي هٿيارن تي ٿيندڙ خرچ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايٽمي هٿيارن جي پابندي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اداري انٽرنيشنل سيمپين ٽواباليش نيوڪليئر ويپنز (آءِ سي اي اين ) چيو آهي ته ايٽمي هٿيار رکندڙ 9 ملڪن گذريل سال ايٽمي هٿيارن تي 119 ارب ڊالر خرچ ڪيا جيڪي …
ائٽمي هٿيارن جي خرچ ۾ ريڪارڊ اضافو، دنيا ائٽمي هٿيارن جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي: رپورٽ
نيويارڪ- 09 جون (اي پي پي) نئين تحقيق مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته گذريل سال سڄي دنيا ۾ ايٽمي هٿيارن تي ٿيندڙ خرچ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايٽمي هٿيارن جي پابندي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اداري انٽرنيشنل سيمپين ٽواباليش نيوڪليئر ويپنز (آءِ سي اي اين ) چيو آهي ته ايٽمي هٿيار رکندڙ 9 ملڪن گذريل سال ايٽمي هٿيارن تي 119 ارب ڊالر خرچ ڪيا جيڪي 2024ع جي ڀيٽ ۾ 19 سيڪڙو وڌيڪ آهن. اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته دنيا ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ داخل ٿي چڪي آهي. آءِ سي اي اين پاران هڪ ڏينهن اڳ جاري ٿيل هڪ ڌار تحقيق ۾ به جغرافيائي سياسي سياسي ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ ايٽمي خطرا وڌڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. جاچ موجب ايٽمي هٿيارن جي تياري تي ٿيندڙ خرچ ۾ غير معمولي اضافو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي، جڏهن مختلف ملڪ پنهنجي ايٽمي ذخيرن کي جديد بنائڻ ۽ ان ۾ وڌيڪ هٿيار شامل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. آءِ سي اي اين جي ڊائريڪٽر پروگرامز ۽ تحقيق جي گڏيل ليکڪا سوسي سنائيڊر اي ايف پي سان ڳالهائيندي چيو ته ايٽمي هٿيارن لاءِ مصنوعي ذهانت ( اي آئي ) جي استعمال سان اهي خطرا وڌيڪ گَهرا ٿي سگهن ٿا اهي انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. دنيا جا 83 سيڪڙو هٿيار روس ۽ آمريڪا وٽ آهن، چين هن وقت پنهنجي ايٽمي ذخيرن ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان اضافو ڪري رهيو آهي ۽ ان وٽ 620 ايٽمي هٿيار موجود آهن.










