ابوظهبي- 08 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن، غزه جي پٽيءَ ۾ انساني صورتحال کي نظر ۾ رکندي 36.7 ملين درهم جي انساني امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اماراتي ريڊ ڪريسنٽ ٻڌايو ته اها امداد راس الخميه جي حڪمران جي نمائندي ۽ اداري جي چيئرمين شيخ حمدان بن زايد النهيان جي هدايتن تي مختص ڪئي وئي آهي. اها امداد آپريشن نائٽ چيولري 3 جو …
گڏيل عرب امارتن طرفان غزه لاءِ 36.7 ملين درهم جي انساني امداد جو اعلان

مزید خبریں
ابوظهبي- 08 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن، غزه جي پٽيءَ ۾ انساني صورتحال کي نظر ۾ رکندي 36.7 ملين درهم جي انساني امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اماراتي ريڊ ڪريسنٽ ٻڌايو ته اها امداد راس الخميه جي حڪمران جي نمائندي ۽ اداري جي چيئرمين شيخ حمدان بن زايد النهيان جي هدايتن تي مختص ڪئي وئي آهي. اها امداد آپريشن نائٽ چيولري 3 جو حصو آهي جيڪو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي هدايت تي شروع ڪيو ويو آهي ته جئين متاثر ماڻهن جي ڏکيائين کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ انساني صورتحال بهتر بڻائي سگهجي. امدادي پيڪيج ۾ 160000 کان وڌيڪ کاڌي جا پيڪٽ ۽ 40000 کان وڌيڪ طبي ڪٽس شامل آهن، جيڪي متاثر خاندانن جون غذائي، طبي ۽ بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ فراهم ڪيون پيون وڃن.











