فلپائن ۾ شديد زلزلي بعد انڊونيشيا جي اتر اوڀر سامونڊي علائقن ۾ جاري ڪيل سونامي وارننگ ختم

جڪارته- 08 جون (اي پي پي) انڊونيشياجي موسميات ۽ آبهوا واري ايجنسي فلپائن ۾ شديد زلزلي بعد انڊونيشيا جي اتر اوڀر سامونڊي علائقن ۾ جاري ڪيل سونامي وارننگ ختم ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا جاري بيان ۾ چيو آهي ته سمنڊ جي سطح جي معمول تي اچڻ جي مشاهدي بعد سونامي وارننگ ختم ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سومر جي صبح انڊونيشيا جي اتر ۾ واقع ڪيترن …

جڪارته- 08 جون (اي پي پي) انڊونيشياجي موسميات ۽ آبهوا واري ايجنسي فلپائن ۾ شديد زلزلي بعد انڊونيشيا جي اتر اوڀر سامونڊي علائقن ۾ جاري ڪيل سونامي وارننگ ختم ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا جاري بيان ۾ چيو آهي ته سمنڊ جي سطح جي معمول تي اچڻ جي مشاهدي بعد سونامي وارننگ ختم ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سومر جي صبح انڊونيشيا جي اتر ۾ واقع ڪيترن ئي سامونڊي نگراني ڪندڙ مرڪزن تي سونامي جون معمولي لهرون رڪارڊ ڪيون ويون، جنهن بعد سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي هئي، جنهن کي هاڻي ختم ڪيو ويو آهي. مقامي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ڏکڻ فلپائن ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سبب اتر اوڀر انڊونيشيا جي ڪجهه سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو هو.