يورپي يونين پاران انساني همدردي جي بنياد تي ڪانگو لاءِ 100 ٽن امداد رواني

برسلز- 08 جون (اي پي پي) يورپي يونين انساني همدردي جي بنياد تي اوڀر جهموريه ڪانگو ۾ ايبولا جي پکيڙ سبب متاثر علائقن لاءِ 100 ٽن امداد رواني ڪري ڇڏي، جنهن ۾ دوائون، خيما ۽ حفاظتي سامان شامل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي يونين کان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها امداد ان علائقي ۾ فضائي رستي کان پهچائي ويندي، جتي ايبولا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. ڪرائسز …

برسلز- 08 جون (اي پي پي) يورپي يونين انساني همدردي جي بنياد تي اوڀر جهموريه ڪانگو ۾ ايبولا جي پکيڙ سبب متاثر علائقن لاءِ 100 ٽن امداد رواني ڪري ڇڏي، جنهن ۾ دوائون، خيما ۽ حفاظتي سامان شامل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي يونين کان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها امداد ان علائقي ۾ فضائي رستي کان پهچائي ويندي، جتي ايبولا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. ڪرائسز مئنيجمنٽ لاءِ يورپي ڪمشنر حاجر ڪميپ الحبيب، بنيا ايئرپورٽ پهتي، جتي هن مطالبو ڪيو ته انساني همدردي ۽ صحت جي ڪارڪنن کي متاثر علائقن تائين مڪمل ۽ محفوظ پهچ ڏني وڃي ته جيئن متاثرن کي وقت تي امداد فراهم ڪري سگهجي.