بيلاروس ”بيلٽ اينڊ روڊ“ انيشي ايٽو جي تعمير ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي: چين

بيجنگ- 08 جون (اي پي پي) چين جي نائب صدر هان زينگ چيو آهي ته بيلاروس ”بيلٽ اينڊ روڊ“ انيشي ايٽو جي تعمير ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي. چين بيلاروس سان ڊجيٽل معيشت جي نون شعبن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي نائب صدر هان زينگ سومر ڏينهن بيلاروس جي گادي واري شهر منسڪ ۾ منعقد ”گڏيل وسيع مارڪيٽ، چين کي روانگي وپار“ جي …

بيجنگ- 08 جون (اي پي پي) چين جي نائب صدر هان زينگ چيو آهي ته بيلاروس ”بيلٽ اينڊ روڊ“ انيشي ايٽو جي تعمير ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي. چين بيلاروس سان ڊجيٽل معيشت جي نون شعبن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي نائب صدر هان زينگ سومر ڏينهن بيلاروس جي گادي واري شهر منسڪ ۾ منعقد ”گڏيل وسيع مارڪيٽ، چين کي روانگي وپار“ جي عنوان سان منعقد هڪ خاص تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته بيلاروس انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن ”بيلٽ اينڊ روڊ“ انيشي ايٽو جو مثبت جواب ڏنو ۽ ان جي تعمير ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته چين بيلاروس کي ايشيائي خطي ۾ هڪ اهم ۽ بااثر اقتصادي ۽ واپاري شراڪتدار طور ڏسي ٿو. هن چيو ته چين بيلاروس سان گڏ پاليسي هم آهنگي ۽ صنعتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، واپاري رستن کي وڌيڪ هموار ڪرڻ، ٻه طرفي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ڊجيٽل معيشت جي نون شعبن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته چين يورپ ريل راهداري جي موثر ۽ آسان اچ وڃ کي يقيني بڻايو ته جيئن واپار جي مسلسل ترقي لاءِ سازگار حالتون پيدا ٿين ۽ هڪ کليل عالمي معيشت کي اڳتي وڌائي سگهجي. هن چيو ته گذريل سال چين گڏيل مارڪيٽ ۾ چين کي روانگي واپار جي عنوان سان قدمن جو سلسلو شروع ڪيو هو. جنهن جو مقصد واپاري شراڪتدارن سان گڏجي سهڪار جي موقعن کي وسيع ڪرڻ، ترقياتي چيلنجن جو گڏيل حل ڳولڻ، گهڻ رخي واپاري نظام ۽ آزاد واپار جو تحفظ ڪرڻ ۽ عالمي معيشت ۾ مثبت توانائي پيدا ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته بيلاروس ۾ منعقد ڪيل اها خصوصي تقريب 2026ع ۾ گڏيل وسيع مارڪيٽ، چين روانگي واپار جي پهرين پرڏيهي سرگرمي آهي، ان ۾ چين جي 40 کان وڌيڪ بيلاروس جي 200 کان وڌيڪ ڪمپنين جي شرڪت متوقع آهي، جنهن سان بيلاروس جي مصنوعات کي چيني مارڪيٽ تائين پهچ جا نوان موقعا ميسر ايندا.